بين الاقوامي مالياتي فنڊ

بين الاقوامي مالياتي فنڊ

بين الاقوامي مالياتي فنڊ

بين الاقوامي مالياتي فنڊ: اقوام متحده جي مالياتي ايجنسي آهي، جنهن کي عام طرح آءِ. ايم. ايف (I.M.F) چيو ويندو آهي، جيڪو ”انٽرنئشنل مانيٽري فنڊ“ جو مخفف آهي. هي فنڊ 1944ع ۾ آمريڪا جي شهر ”برٽن ووڊز“ ۾ قائم ڪيو ويو. هن جو مقصد ٽين دنيا جي غير ترقي يافته ۽ غريب ملڪن جي اقتصادي ۽ ناڻي جي مٽاسٽا جي مشڪلاتن جي حل لاءِ مدد ڪرڻ آهي. جيڪي ملڪ مٽاسٽا جي مشڪلات ۾ ڦاسي ويندا آهن، ”آءِ. ايم. ايف“ انهن کي ٻن طريقن جا قرض ڏيندي آهي. هڪ ”اسٽئنڊ باءِ“ انتظام هوندو آهي، جنهن جي وياج جي شرح زياده ۽ واپسيءَ جو عرصو ٿورو هوندو آهي. ٻئي قسم جي قرض کي ESAF يعني (Enhanced Structural Adjustment Facility) سڏيو ويندو آهي. هن طريقي ۾ وياج جي شرح زياده هئڻ سان گڏوگڏ واپسيءَ جو عرصو به زياده هوندو آهي. انهن ٻنهي طريقن ۾ آءِ. ايم. ايف جا ڪي شرط هوندا آهن، جن جو مقصد انهن خامين کي دور ڪرڻ آهي، جنهن جي ڪري مالياتي بحران پيدا ٿئي ٿو. آءِ. ايم. ايف جيڪي قرض ڏيندي آهي، تن کي ”ايس. ڊي. آر“ (اسپيشل ڊرائنگ رائٽس) ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. هي پاڻ خود ڪا ڪرنسي نه آهي، پر ان جي قيمت جو تعين پنجن وڏين ڪرنسين (آمريڪي ڊالر، برطانوي پائونڊ، جرمن مارڪ، جاپاني يين ۽ فرانسيسي فرانڪ) جي روزاني شرح تي ٿيندو آهي، جن جي لاءِ ”باسڪٽ“ جو اصطلاح استعمال ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو